اسلام آباد: تاحيات نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اڳوڻي آمر جنرل ضياءَ الحق مٿان ڪڙي تنقيد ڪئي، چيف جسٽس، جهانگير ترين جي وڪيل مخدوم علي خان سان مخاطب ٿيندي چيو ته اهو ٻڌايو آرٽيڪل 62 ۾ ذيلي شقون ڪڏهن شامل ڪيون ويون، جنهن تي مخدوم علي خان چيو ته آرٽيڪل 62 آئين پاڪستان 1973 ۾ سادو هيو، آرٽيڪل 62 ۾ اضافي شقون صدارتي آرڊر 1985 ۾ شامل ٿيون، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته يعنيٰ ضياءَ ان ڪردار متعلق شقون شامل ڪرايون. ڇا ضياءَ جو پنهنجو ڪردار سٺو هو؟ ستم ظريفي آهي ته آئين جي تحفظ جو قسم کڻي ايندڙ خود آئين ٽوڙين ۽ پوءِ به اها ترميم ڪن، فوجي امر 1985 ۾ آئين کي ٽوڙيو، هڪ مارشل ايڊمنسٽريٽر ڪيئن آئين ۾ اهليت جو معيار مقرر ڪري سگهي ٿو؟ چيف جسٽس رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته ڇا ججن کي گهر موڪليندڙ آئين ٽوڙيندڙ شخص سٺي ڪردار جو ٿي سگهي ٿو. وڪيل مخدوم علي خان چيو ته جنرل ضياءَ جي باري ۾ ته فيصلو آخر ۾ ٿيندو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڇا آئين ٽوڙيندڙ کي سزا آخرت ۾ ٿيندي ڇا ضياءَ کي سڀ ڪجهه معاف آهي؟