ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو تعلقي ۾ 105 بوائز ۽ گرلس پرائمري اسڪول آن لائن سسٽم تان غائب، 85 پرائمري اسڪول 20 سالن کان وڌيڪ عرصي کان بند پيل آهن، بند پيل اسڪولن ۽آن لائن سسٽم تان غائب  هجڻ ڪري اسڪولن جي حوالي سان گذريل ڏينهن پرائمري ايجوڪيشن ڊائريڪٽر ممتاز علي کهڙو ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر جان محمد بجير ڇاڇرو تعلقه ايجوڪيشن آفيس ۾ کلي ڪچهري ڪوٺائي وئي، کلي ڪچهري ۾ ڳوٺاڻن ۽ استادن بند پيل ۽ ڊي ايڪٽوي اسڪولن جي حوالي سان درخواستون ڏئي شڪايتون ڪيون آهن، تعلقه بوائز پرائمري ايجوڪيشن آفيسر نياز علي سمون ۽ گرلس پرائمري ايجوڪيشن آفيسر عبدالرحمان راهمون جو چوڻ آهي ته ڇاڇرو تعلقي جي 601 بوائز پرائمري ۽ 127 گرلس پرائمري اسڪولن مان ڳوٺ راجوڙو، سالار جي ڍاڻي، ملڪام، ڪونڀي جي ڍاڻي، ڪانڪيو، لپلو، سميت ٻين ڳوٺن جون 65 پرائمري بوائز اسڪول ۽ ڳوٺ ڌابي جوڻيجا، ڏٻڙڇا، جهنجهي، کياڙي، پير جو تڙ ۽ ٻين جون 40 گرلس پرائمري اسڪولن ۾ عملو ويٺو آهي، اسڪول  فعال آهن پر آر ايس يو ۽ بائيوميٽرڪ جي آن لائن سسٽم تان اسڪول ڊي ايڪٽوي ٿيل آهن، جڏهن ته 20 سالن وڌيڪ عرصي کان بند پيل 85 پرائمري اسڪولن جنهن ۾ 23 گرلس ۽ 62 بوائز پرائمري اسڪولن جي حوالي سان ايجوڪيشن آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڪجھ ڳوٺن جي هڪڙي هڪڙي پاڙي ۾ چار چار پنج اسڪول آهن ته ڪٿي اسڪول آهي ته هتي آباديءَ ناهي اهڙيون غير ضروري 85 اسڪول بند پيل آهن هنن اسڪولن کي ايڪٽوي نه ڪيو ويندو، باقين ضرورتمند ڊي ايڪٽوي ٿيل اسڪولن جون لسٽون ٺاهي رهيا آهيون جلد آن لائن سسٽم ۾ اسڪول ايڪٽوي ٿي ويندا .