ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو کينسر روڊ تي ڳوٺ ڪاگيا واسين قبضا مافيا ۽ روينيو انتظاميا خلاف احتجاج مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ميگهواڙ برادري جي ماڻهن لوڻو ميگھواڙ، دسرت، ديوان، آڪاش، سومجي، تيرت، کئينراج ۽ ٻين چيو ته حڪومتي ڌر جا بااثر ماڻهو روينيو انتظاميا جي ملي ڀڳت سان سوين ايڪڙن سرڪاري زمين تي والار ڪري وڪرو ڪري رهيا آهن، چونڊيل نمائندن کي شڪايتون ڪيو آهن، قبضا مافيا شهر جي تاريخي ترائي، گئوچر، لنگھه، ڪرڪيٽ گرائونڊ، ۽ ڳوٺ ڪاڳيا جي چوطرف وڻ وڍي سرعام قبضا ڪن پيا،بااثر سياسي اثررسوخ هئڻ ڪري اسان ڳوٺاڻن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ٻن مهينن کان روينيو انتظاميا کي روزانو درخواستون ۽ آفيسن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون،مجبور ٿي  روڊن تي نڪري آيا آهيون،احتجاجي مظاهرو ڪندڙ ميگهواڙ برادري جي ماڻهن مطالبو ڪندي چيو ته ماملي جو نوٽيس وٺي بااثرن جا قبضا خالي ڪرائي ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.