ڇاڇري ۾ پاڻي نه هجڻ جي شڪايت کڻي نڪتل پيرسن اڃ وگهي فوت

0
22
ڇاڇري ۾ پاڻي نه هجڻ جي شڪايت کڻي نڪتل پيرسن اڃ وگهي فوت
ڇاڇري ۾ پاڻي نه هجڻ جي شڪايت کڻي نڪتل پيرسن اڃ وگهي فوت

ڇاڇرو(رپورٽ: علي گل بجير) ڇاڇري ۾ پاڻيءَ لاءِ چونڊيل نمائندي ڏانهن دانهن کڻي پيادل نڪتل پيرسن پاڻ جنگ ۾ اڃ وگهي فوت، ٽن ڏينهن کان پوءِ لاش هٿ، ڳوٺ رتن جي ڍاڻي ڀرسان جهنگ ۾ 80 سالن جي پيرسن جو 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ ڪيو ويو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتي پيرسن راڻو پٽ ڏيمون ميگهواڙ ڳوٺ رامجي ويري طور لاش جي سڃاڻپ ڪئي وئي، فوتي پيرسن جي پٽ خانو ميگھواڙ ۽ ڀيرو لال ميگھواڙ پوليس کي بيان رڪارڊ ڪرايو آهي ته اسان وٽ ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت ناهي، هڪ ثمرپمپ هو، جيڪو خراب ٿيل آهي، منهنجي والد چيو ته ثمر پمپ لاءِ ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو وٽ عرض کڻي وڃان ٿو، خميس جي ڏينهن ڳوٺ کان پيادل نڪتو هو، دم جو مريض هو، شديد گرميءَ ۾ جهنگ ۾ پاڻيءَ نه ملڻ ڪري ساھ ۾ تڪليف سبب فوت ٿيو آهي.