ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو ڀرسان ڳوٺ نئون پرو ۾ بجليءَ جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ سبب گذريل هڪ مهيني کان بجليءَ جي فراهمي بند پيل آهي، ڳوٺاڻن پنهون مل ميگهواڙ، مادو هندو بجير، کيراج ميگهواڙ، هالو مل ميگهواڙ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڳوٺ جو ٽرانسفارمر هر ٻي ٽين مهيني تي سڙي ٿو وڃي، 3 مهينا اڳ ۾ ڳوٺاڻن حيسڪو انتظاميا کي 30 هزار رپيا چندو ڪري پئسا ڏنا، هنن مطالبو ڪيو ته بجلي بحال ڪري پاڻي فراهم ڪيو وڃي.