ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو ۾ ٻن گدامن تي ڇاپا، کنڊ جا 1300 ڪٽا هٿ، گدام سيل خبر موجب ڇاڇري ۾ خوفيا ادارن جي ڳجهي اطلاع تي مختيارڪار سالم سميجو جي کنڊ ذخيرو ڪندڙ منافعي خور واپارين خلاف ڪارروائي،شهر جي مختلف مارڪيٽن تي ڇاپا هنيا ويا،واپاري پريم مکي جي گدام ۾ هڪ هزار کنڊ جا ڪٽا ۽ واپاري نول راءِ جي گدام ۾ ٽي سئو ڪٽا هٿ،گدام سيل،کنڊ جا ڪٽا ذخيرو هجڻ تي واپارين کان لائسنس طلب ڪيو ويو جيڪو نه هجڻ تي گدام سيل ڪري ڇڏيا،جڏهن ته ڪڙڪ پوڻ تي شهر جا ڪيترائي واپاري گدامن کي تالا ڏئي غائب ٿي ويا.