ڇاڇرو(ن پ ا)ڇاڇرو ويجهو کيمي جو پار ٿاڻي جي حد ۾ ناياب وڻ روهيڙو جي واڍي رڪجي نه سگهي، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس پهچي ڪاٺ سان ڀريل گاڏي پڪڙي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري مبينا طور بعد ۾ کين آزاد ڪري ڇڏيو، پوليس جي اهڙي عمل خلاف ڳوٺ حڪيم جو پار جي ڳوٺاڻن نبي شير سميجو ۽ ٻين احتجاج ڪيو، اڳواڻن چيو ته بااثر اسان جي کاتي جي سروي ٻني ۾ روهيڙي جا وڻ وڍي کڻي وڃي رهيا هئا ته اسان موقعي تي ئي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس ڪاٺ سان ڀريل گاڏي سميت ٽي ڄڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي وئي، جنهن جا واضح وڊيو ثبوت سامهون آهن، هنن الزام هنيو ته پوليس پئسن عيوض جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.