ڇاڇرو (رپورٽ: علي گل بجير) ڇاڇري ۽ ڏاهلي ۾ بي آءِ ايس پي سينٽرز ختم  ڪيا ويا آهن جنهن ڪري هزارين مسحق عورتون وظيفي کان وانجھجي ويون آهن. ان ڏس ۾ بي آئي ايس ڊائريڪٽر، فرنچائز مالڪ ۽ ايجنٽن جي وچ ۾ ٻن ڏينهن کان هلندڙ ڳالهين بعد ڇاڇرو، کيمي جو پار، کينسر، مباڪ رند ساڪريو، ڪيتار، سمون رند بي آئي ايس جا سينٽر ختم ڪري، اڄ ٻنهي تعلقن جي 82 ڊوائز هولڊرن کي من پسند هنڌن تي انتظام مڪمل ڪري مستحق عورتن جي آيل رقم جي ورهاست وارو عمل شروع ٿيڻو هو پر. ذريعن موجب ايجنٽن کان غير قانوني اوڳاڙي وارو عمل مڪمل نه ٿيڻ ڪري ڪالهه پهرين ڏينهن به ھزارين مستحق عورتون نٽهڻ اُس ۾ سڄو ڏينهن دربدري جو شڪار رهيون. مستحق عورتن نيامت. ڪريما. سگهڙ. مينا ٻين دانهيندي چيو ته قسط جاري ٿيڻ جي اطلاع تي ٻهراڙي جي ڳوٺن کان ڀاڙا خرچ ڀري هتي پهچي سڄو ڏينهن انتظار ڪرائي آخر ۾ چيو ويو ته هاڻي سڀاڻي اچجو. ڊوائز مالڪ پنهنجي من پسند هنڌن ويٺا آهن شڪايت ٻڌڻ لاءِ هتي ڪوبه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو عملدارن ناهي، سڄو ڏينهن دربدر ٿيڻ کانپوءِ مايوس وڃڻو ٿو پئي. مستحق عورتن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته مستحق عورتن جي اربين رپين جي رقم مان ڪروڙين جي ٿيندڙ مالي بدعنوانين جو نوٽيس وٺي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي عملدارن ۽ جيز ڪئش مائيڪرو فنانس فرنچائيز جي عملدار ۽ ٻين ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري مستحق عورتن کي رقم مان ڪرپشن روڪرائي وظيفي جي رقم آسان طريقي سان ڏياري وڃي. ٻئي پاسي سوشل ورڪر رسول بخش راهمون محتسب اعلا کي درخواست ڏني آهي جنهن ۾ ڄاڻايو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ايجنٽن کان فرنچائز مالڪ ڊوائزون جي ايڊوانس مد ۾ هڪ لک رپيا ۽ منٿلي جا 2 لک روپيا ورتا هئا. ٻن قسطن کان پوءِ ايجنٽن جون ڊوائزون بند ڪري چيو ويو ته نئيون ڊوائزون ڏيون ٿا هن جي مد ۾ ايڊوانس 2 لک ۽ 2 لک منٿلي جي گهر ڪئي آهي. غير قانوني اوڳاڙي جو بوجھ غريب مستحق عورتن تي پئي ٿو. سوشل ورڪر درخواست ۾ گهر ڪئي آهي ته معاملي جي انڪوائري ڪري غير قانوني اوڳاڙي ڪندڙ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي عملدارن فرنچائز مالڪ ۽ ٻين ذميوارن خلاف ڪارروائي مستحق عورتن ۾ شفاف نموني رقم جي ورهاست ڪئي وڃي.