ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇري ۽ ڏاهلي تعلقن جي ٿر جي ڳوٺن ۽ ننڍي آبادي جي شهرن ۾ لڳل 385 آر او پلانٽس گذريل پنج سالن کان فني خرابي سبب ناڪاره بڻيل آهن،آر او پلانٽن تي مقرر ڪيل عملي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي ٿرپارڪر جي بي ڌياني سبب آر او پلانٽن جون عمارتون زبون حال بڻجي ويون آهن،ڇاڇرو شهر جي ٽيھه هزار آبادي کي مٺو پاڻي سپلائي ڪندڙ آر او پلانٽ گذريل پنج سالن کان فني خرابي بند پيل آهي شهري مٺي پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ دربدر آهن،ڳوٺ ڀاڏا سندا، ڳوٺ ٽگٽيو، ڳوٺ اوڏاڻي، مبارڪ رند شهر، ڪانٽيو، وائوڙي دورا، ڪيتاري، کينسر، ڇاپر دين شاهه سميت ٻنهي تعلقن جي ٽي سئو کان وڌيڪ ڳوٺن جا آر او پلانٽ مڪمل طور ناڪاره بڻيل آهن، تازو سنڌ سرڪار پاران ٿر جي آر او پلانٽن کي فعال ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل 13 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ فنڊ پبلڪ هيلٿ کاتي ٿرپارڪر کي جاري ڪيا ويا، ان جي باوجود اڄ ڏينهن تائين هڪ به آر او پلانٽ فعال ڪري نه سگهيا آهن، ڳوٺاڻن ڪيلاش ميگھواڙ، مير محمد رند، اڪبر علي نهڙي، هيرو مل ميگهواڙ، سڪندر علي ۽ ٻين چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ سنڌ حڪومت پبلڪ هيلٿ کاتي ٿرپارڪر کي 13 ڪڙور روپين کان وڌيڪ فنڊ جاري ڪيا جيڪا مبينا طور ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن،ٿر جي ڪنهن هڪ به ڳوٺ جو آر او پلانٽ فعال ڪري نه سگهيا آهن، ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي،رهواسي مٺي پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ دربدر بڻيل آهن، ڳوٺاڻن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته ٿر ۾ ناڪاره بڻيل آر او پلانٽن جي مد ۾ ٿيل رڪارڊ توڙ ڪرپشن جو نوٽيس وٺي، آر او پلانٽن کي فعال بڻائي پئيڻ جي پاڻي جي بحران تي ضابطو آندو وڃي.