ڇاڇرو(ن پ ا) ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ڪيتار ۽ ٻين علائقن ۾ ٻاڪري مال ۾ پکڙيل بيماري جون خبرون ميڊيا تي نشر ٿيڻ بعد لائيواسٽاڪ کاتي جي انتظاميا نوٽيس ورتو، ٽيمون متاثر علائقن ۾ پهچي ويون، بيمار مال جي ويڪسين ڪئي وئي، ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري سنڌ ڊاڪٽر رياض احمد عباسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ليواسٽاڪ حاڪم علي جلباڻي، سينيئر وٽرنري آفيسر ڊاڪٽر اجي ڪمار جي اڳواڻي ۾ ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ڪيتار سميت ٻين متاثرہ علائقن ۾ پهچي بيماري ۾ ورتل ٻاڪري مال جي چڪاس ڪري ويڪسين ڪئي وئي، لائيواسٽاڪ کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٿر ۾ برساتن کانپوءِ بک جي ستايل ڪمزو چوپائي مال ۾ کلڪيو، بخار ٿيڻ سبب ڀاڳين جو نقصان ٿيو آهي، اسان جون ٽيمون متاثر علائقن ۾ بيمار چوپائي مال جي علاج لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، ڀاڳين کي به آگاهي ڏني ته هو بيمار مال جي ويڪسين ڪرائين، جڏهن ته ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ عيداڻي ۽ ٻين علائقن ۾ اڃان تائين وڌي انگ ۾ چوپايو مال بيماري ۾ ورتل آهي، ڀاڳين سوشل ميڊيا تي بيمار مال جون تصويرون وائرل ڪري ضلع انتظاميه ليواسٽاڪ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.