ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو ڀرسان ڪيتار کان عمرڪوٽ ويندڙ ڪار موڙاسيو ويجهو تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول ۾ نڪرڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، حادثي جي نتيجي ۾ 10 ورهين جو نينگر ارشد پٽ جميل نهڙي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڊرائيور جاويد نهڙي، عورتن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي عمرڪوٽ جي اسپتال پهچايو ويو، جتي علاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته فوتي نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.