ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو ڀرسان جوڙي جا کوهه مان لاش هٿ. ڇاڇرو جي شهر مبارڪ رند ڀرسان ڳوٺ محمد علي سميجو جي ڍاڻي ۾ 30 ورهين جي نوجوان احسان پٽ محمد علي سميجو ۽ 20 ورهين جي شاھينه زال ديدار علي سميجو جا گهرن جي ڀرسان کوهه مان لاش هٿ آيا، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي حد مبارڪ رند جي پوليس واقعي هنڌ پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش کوهه مان ٻاهر ڪڍي پوسٽ مارٽم لاءِ ڇاڇرو اسپتال آندا جتي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا. واقعي جي حوالي سان حد مبارڪ رند جي پوليس جو چوڻ هو ته فجر مهل واقعو پيش آيو، شروعاتي جاچ مطابق ناري ۽ نوجوان پاڻ ۾ ويجھا عزيز آهن، ڪافي سالن کان هڪ ٻي کي پسند ڪندا هئا، جيڪا پوري علائقي کي ڄاڻ هئي، ٻنهي جون شاديون پسند موجب ڪو نه ٿيون هيون، ٻنهي جي خاندانن ۾ ناراضگيون به هلندڙ هيون، ناري ۽ نوجوان انڪري انتهائي قدم کنيو آهي. وڌيڪ واقعي جي پڇا ڳاڇا ۽ جاچ ڪري رهيا آهيون
ڀاڄائي ۽ نوجوان کي کوهه ۾ اڇلايو ويو آهي: ناري جو ڏير
ڇاڇرو: فوتي ناري جي ڏير بھرام سميجو چيو ته منهنجو ڀاءُ ديدار ڪراچيءَ ۾ مزدوري ڪندو آهي، عيد کانپوءِ پنهنجي زال کي پيءُ جي گهر ڇڏي مزدوري لاءِ ڪراچي ويل هو، پويان واقعو ٿيو ، هن واقعي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ناري کي خودڪشي ڪرڻي هئي ته پنهنجي گهر جي ويجهو کوهه پيا هئا، انهن ۾ خودڪشي ڪري پي سگهي، هن چار ڪلوميٽر پنڌ ڪري خودڪشي ڇو ڪئي آهي؟ واقعو رات جو 12 وڳي ٿيو آهي. صبح جو ناري جو پيءُ سبحان سميجو ۽ نوجوان احسان جو والد محمد علي سميجو ڳوٺ راجوڙو ۽ ڳوٺ چارنور جا چڱا مڙس کڻي اسان جي ڳوٺ اميد علي سميجو آيا هئا، هنن چيو ته واقعي جي حوالي سان بيان رڪارڊ ڪرائڻو آهي، ان دوران محمد علي سميجو چيو ته منهنجا 6 پٽ ٻيا ويٺا آهن، مونکي پرواهه ناهي، محمد علي سميجو پنهنجي مرضيءَ موجب بيان ڏيارڻ لاءِ اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏنيون آهن. اسان کي شڪ آهي ته ناري جي والد سبحان سميجو، ناري جو ڀاءُ امين سميجو. نوجوان جي والد محمد علي سميجو ۽ هن جو پٽ صدام سميجو ڀاڄائي ۽ نوجوان کي کوهه ۾ اڇلائي خودڪشي جو رنگ ڏئي رهيا آهن، اسان اهڙي درخواست ڇاڇرو ٿاڻي تي ڏني آهي،
|
نوجوان احسان جي هڪ سال اڳ شادي ٿي، سندس گهر واري اميد سان آهي
ڇاڇرو: ڳوٺ محمد علي سميجو جي ڍاڻي ڀرسان کوهه ۾ ٽپو ڏئي مبينا خودڪشي ڪندڙ نوجوان احسان جي هڪ سال اڳ شادي ٿي هئي، جنهن جي گهر واري (پيٽ) اميد سان آهي، جيڪا ناراضگين سبب پنهنجي والدين جي گهر ويٺل آهي ، علائقي ۾ چئوٻول آهن ته برادري ۾ خودڪشي ڪندڙ جوڙي جي ڪري ۽ اختلاف ٿيا آهن.
شاھينه ٻن ورهين کان مڙس کان ڌار والد جي گهر ۾ رهندي هئي
ڇاڇرو: ڳوٺ محمد علي سميجي ۾خودڪشي ڪندڙ ناري شاھينه به شادي شده آهي، 16 مهينن جي هڪ ڌيءَ جو اولاد هو، گذريل ٻن سالن کان مڙس کان ڌار پنهنجي والد جي گهر ۾ رهندي هئي، ناري جي والده ۽ نوجوان جو والد ٻئي پاڻ ۾ ڀيڻ ڀاءُ آهن، سندس چوڻ آهي ته ڪنهن تي ڪوبه شڪ ناهي.