ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ويجهو ڳوٺ رڙياڙو ۾ 60 ورهين جي مٿري زال مجنون مھراج جو کوھه مان لاش هٿ آيو، وارثن جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کوھه مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن پوليس کي ٻڌايو ته مٿريءَ جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو، کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت گهرو اڻبڻت تان ناراض ٿي آپگهات ڪيو، پوليس جو چوڻ هو ته وارثن عورت جي دماغي توازن ٺيڪ نه هئڻ بابت ڪا به رپورٽ نه ڏيکاري آهي، جاچ ڪئي پئي وڃي.