ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو ڀرسان ڳوٺ کينسر ۾ 30 سالن نافرمان پٽ حمزو بجير پنهنجي 60 سالن جي پيرسن پيءُ ارباب بجير کي لٺون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي کينسر پوليس واقعي هنڌ پهتي پيرسن جو لاش کينسر اسپتال آندو جتي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، پيرسن والد کي قتل ڪندڙ نافرمان پٽ کي پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مقتول ارباب بجير جي پٽ جو دماغي توازن درست نه آهي، ڳوٺ ڀرسان زمين تي مال جي واڙي تي مقتول ارباب بجير ويل هو،پويان گڏهه تي پاڻي کڻي ويل پٽ والد کان پئسا گهريا نه ڏيڻ تان مٿي تي لٺون هڻي قتل ڪيو آهي. هوڏانهن پوليس جوابدار کي گرفتارڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، وارثن پاران قاتل کي دماغي مريض قرار ڏين جي حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته اسان وٽ اهڙي ڪا به رپورٽ ڪوبه ميڊيڪل رپورٽ پيش نه ڪئي وئي آهي.