ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو ڀرسان ٻني تي قبضي ۽ پٽ جي مبينا اغوا خلاف بيواھ عورت جو ڀائيٽن ۽ ڏوهٽن سان گڏجي احتجاج، ڳوٺ رٻاسر ڀرسان ڳوٺ ساهي جي ڍاڻي جي رهواسي بيواھ پيرسن عورت پٺاڻي، سندس ڌيءَ حولي، ۽ ڀائيٽن، ڏوهٽن گل حسن، سڪيلڌو، الودو، حنيف چانديو سان گڏ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته بااثر اسان جي ٻني تي قبضو ڪيو آهي، موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جوابدار اسان جي گهر تي حملو ڪري پٽ کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري پٽ کي آزاد ڪرائي ڏنو وڃي.