ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو شهر جي ڪاگيا پاڙي ۾ پورھيت مورو پٽ ديرو ميگهواڙ جي ڪکائين گهر کي اوڇتو باھ لڳڻ سبب ڪکائون چوئنرو ۽ هڪ ڪکائين لانڍي سڙي رک ٿي وئي،گهر ۾ پيل کاڌي پيتي جو سامان کٽون بسترا سڙي رک ٿي ويا،ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آڻي ڀرپاسي جي گهرن کي نقصان کان بچائي ورتو، باھ متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ ترسيل،وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.