ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو لڳ حادثي ۾ نوجوان فوت، خانگي ڪمپني جي ڊرائيور لاش لڪائي ڇڏيو، ڪمپني جي ڪئمپ مان لاش هٿ، هنگامو، پوليس ۽ اسپتال عملي تي تشدد، خبر موجب ڇاڇرو جي بس ٽرمينل ويجهو خانگي ڪمپنيءَ جي تيز رفتار گاڏي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي ڳوٺ ملڪام واسي 30 سالا حسين پٽ هاشم سنگراسي کي ڇيڀاٽي ماري ڇڏيو، جنهن بعد خوف ۾ ورتل ڊرائيور نوجوان جو لاش گاڏي ۾ کڻي ڪمپني جي ڪيئمپ ۾ لڪائي ڇڏيو، اهڙي اطلاع تي سنگراسي برادري جي سوين ماڻهن گاڏي جو پيڇو ڪري لاش خانگي ڪمپني جي ڪئمپ مان هٿ ڪري ورتو، جنهن بعد پوليس لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال ۾ پهچايو ته مڇريل ماڻهن اسپتال ۾ هنگامو ڪندي اسپتال جو مک گيٽ بند ڪري ڇڏيو ۽ ان دوران پوليس اهلڪارن ۽ اسپتال عملي کي تشدد جو نشانو پڻ بڻايائون، جنهن بعد مڇريل ماڻهن اسپتال ٻاهران بيٺل پوليس جي موبائل جا به شيشا ٽوڙي ڇڏيا آهن،آخري اطلاع تائين نوجوان جو لاش اسپتال ۾ پيل هو، واقعي جو ڪوبه ڪيس وغيره داخل ٿي نه سگهيو، نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته واقعو سڌي ريت قتل آهي، خاموش نه ويهنداسين، ٻئي طرف ڇاڇرو ٿاڻي جي ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته حادثو ڪندڙ گاڏي ايف ڊبليو او ڪمپنيءَ جي آهي، خانگي ڪمپني وارن گاڏي ۽ ڊرائيور کي لڪائي ڇڏيو آهي، وارثن پوليس آڏو مطالبو رکيو آهي ته حادثو ڪندڙ گاڏي ۽ ڊرائيور کي پهريان تحويل ۾ وٺو پوءِ ڪيس داخل ڪرائينداسين، مڇريل ماڻهن پوليس اهلڪارن ۽ اسپتال عملي تي تشدد ڪيو آهي ۽ سموري معاملي بابت ايس ايس پي ٿرپارڪر کي آگاهي ڪيو آهي.