ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇري شهر جي به اي سي علي حيدر شيخ، روينيو عملي ۽ پوليس سان گڏجي کنڊ ذخيرو ڪندڙ منافعي خور واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي. شهر جي مختلف مارڪيٽن تي ڇاپا هنيا ويا،گدامن ۾ سوين کنڊ ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون اسٽاڪ ڪيل نظر آيون. واپاري ڪيلاش ڪمار، دسرت ڪمار،سيٺ نول ٻين جي گدامن ۾ وڏي انگ ۾ کنڊ جا ڪٽا ذخيرو هجڻ تي واپارين کان لائسنس طلب ڪيو ويو جيڪو نه جڻ تي گدام سيل ڪري ڇڏيا. جڏهن ته شهر جا ڪيترائي واپاري گدامن کي تالا ڏئي غائب ٿي ويا.