ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو ۾ مليريا جا  50 ڪيس ظاهر، 2 ٻار ڊينگي وائرس ۾ مبتلا، ان ڏس ۾   ڇاڇرو جي سرڪاري ۽ خانگي ليبارٽرين ۾ سوعانه ڌيءَ اڪبر ،جافر علي سميجو، علي حسن پٽ عثمان بجير، زينب، حاميده ، سائنه عجيمت سميت 50 کان وڌيڪ مريضن جون مليريا جون رپورٽون پازيٽو اچڻ کانپوءِ مختلف اسپتالن ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ ڌوني جي ڍاڻي ۾ هڪ ئي گهر جا 2 معصوم  ٻارڙا 6 ورهين جي رابعه ڌيءُ اسماعيل، ۽ 3 ورهين جو ارباب ولد اسمائيل جا جسم ۾ اڇا جُزا گهٽ ٿيڻ ۽ طبيعت  گهڻي خراب ٿيڻ کانپوءِ وارث حيدرآباد کڻائي ويا، جتي ڊينگي وائرس جي رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ سول اسپتال حيدرآباد ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو آهي.