ڇاڇرو/کپرو (نمائندن وٽان) کپرو ۽ ڇاڇرو ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڇاڇرو ۾ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ خلاف شهري روڊن تي نڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، هوڏانهن کپرو ۾ شھرين ۽ جسقم ڪارڪنن آزاد ڪنڀر، اڪبر مري، ممتاز بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اضافي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي شهرين حاڪم سنگراسي، دسرت ڪمار، ڪيلاش ميگھواڙ، ڪرمون، نعمان منگريو، ڀائي خان سميجو، ايوب منگريو ۽ ٻين چيو ته مهانگائي جي طوفان غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته اٽي جو اگهه هن وقت 4500 رپيا في مڻ تائين پهچي ويو آهي ۽ اڃان وڌيڪ روزانو جي بنياد تي اگهه ۾ اضافو پيو اڄي، هنن چيو ته حڪومت غريب ماڻهن کان ٻه ويلا ماني جو حق به کسڻ چاهي ٿي، هنن مطالبو ڪيو ته اٽي جا هٿرادو اگهه مقرر ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،