ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو ۽ ڏاھلي تعلقن ۾ چوپائي مال جي چورين جي آزار جون خبرون ميڊيا تي اچڻ ۽ ڏڪاري حالتن جي ستايل ماروئڙن جي چورين خلاف دانهون ڪرڻ بعد ڊي آءِ جي ميرپورخاص  ذوالفقار احمد مھر نوٽيس ورتو، ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي ۽ ڊي ايس پي هارون رشيد سرائي، ڇاڇرو، کيمي جو پار ۽ کينسر ٿاڻن جي ايس ايچ او کي نوٽيس جاري ڪري ٻن ڏينهن اندر چوپائي مال جي چورن خلاف سخت ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڊي آءِ جي ميرپورخاص پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڇاڇرو جي ڳوٺ ڪيتاري واسي رمضان عرف جوڳي پٽ سکر نهڙي، شوڪت پٽ محمد علي نهڙي، دلاور پٽ خميسو نهڙي، الهرکيو پٽ فيض محمد نهڙي، منور پٽ فيض محمد نهڙي ۽ ماکن جي ڍاڻي واسي اعجاز پٽ امام نهڙي ۽ عطائي پٽ امام نهڙي، ڳوٺ سليم جي ڍاڻي واسي حبيب الله پٽ متارو نهڙي، ڳوٺ خميسو جو تڙ واسي سالار پٽ ارباب نهڙي بنا نمبر پليٽ ۽ بنا ڪاغدن جي گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن ذريعي چوپائي مال جي چورين ۾ ملوث آهن ۽ مقامي پوليس ڪوبه ڪارروائي نٿي ڪري ڳوٺاڻن جون شڪايتون آهن ٻن ڏينهن اندر چوپائي مال جي چورين ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.