ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو شهر ۽ 10 کان وڌيڪ ڳوٺن جنهن ۾ ڳوٺ پاتا، ڳوگاسر، ڪانٽيو، اڪوڍو، مومن آباد، نئون پرو، سانوريو جو پار، کياڙي، ۽ بادل جي ڍاڻي سميت ٻين ڳوٺن ڏانهن ويندڙ مٺي پاڻيءَ جي مين پائيپ لائين ٻن مھينن کان ٽٽل هجڻ سبب ڇاڇرو شهر سميت 10 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ مٺي پاڻيءَ جي سپلائي بند پيل آهي، جنهن سبب هڪ لک کان وڌيڪ آباديءَ پئيڻ جي مٺي پاڻيءَ لاءِ پريشان آهي، علائقي ۾ پئيڻ جي پاڻيءَ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، شهرين اسماعيل ڪنڀر، ڪيلاش ميگھواڙ، اشوڪ ڪمار، لياقت جوڻيجو، چگهن ڪولهي، سڪندر بجير ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ٻه مهينا گذرڻ باوجود پئيڻ جي مٺي پاڻيءَ جي پائيپ لائين جي مرمت نه ٿيڻ سبب پئيڻ جو پاڻيءَ اڻلڀ ٿي ويو آهي، صحت لاءِ هاڃيڪار کوهن جو کارو پاڻيءَ واپرائي رهيا آهيون. انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندا نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي پائيپ لائين جي مرمت ڪرائي پاڻي جو بحران ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.