ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو شهر ۽ ڀرپاسي چوپائي مال ۾ بيماري ڦهلجڻ لڳي،20 کان وڌيڪ ٻڪريون مري ويون،ڪيتريون ئي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويون آهن، جنهن سبب ڀاڳيا پريشان آهن، ڇاڇري جي بجير پاڙي ۽ علڻ آباد ۾ هڪ هفتي دوران اسماعيل، عبدالڪريم، ڪاليخان، يوسف ۽ شمش الدين بجير سميت ٻينڀاڳين جون 20 کان وڌيڪ ٻڪريون ڦڦڙ، تير، بخار ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي مري ويون، ان حوالي سان ڀاڳين چيو ته وٽرنري اسپتال بي لاڀ بڻيل آهي، بيمار مال جو علاج ۽ ويڪسن نٿي ڪئي وڃي، هنن لائيو اسٽاڪ کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چوپائي مال جي وئڪسين شروع ڪئي وڃي .