ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو ڀرسان پرائمري استاد منشيات رکڻ جي الزام ۾ گرفتار، ڪيس داخل، جيل حوالي، خبر موجب اسلام ڪوٽ لنڪ روڊ تي مٺي سي آءِ اي پوليس ۽ ڇاڇرو پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري ڳوٺ اوڏاڻي واسي پرائمري استاد امتياز حسين ڏهوٽ کي گرفتار ڪري شراب جون 5 بوتلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب جوابدار پرائمري استاد آهي، جنهن جي نوڪري سندس ئي ڳوٺ اوڏاڻي جي رانهجو پاڙي ۾ آهي، جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، پوليس منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري استاد کي جيل موڪلي ڇڏيو.