ڇاڇرو(ن پ ا)ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ سومرن جو پار ۾ نوجوان جو گهر ۾ گلو ڪپتل لاش هٿ،وارثن پاران واقعو آپگهات قرار،نوجوان جي سڃاڻپ 30 سالن جي حاڪم پٽ محمد رحيم سومرو طور ٿي،گهر جي ڪکاوان چونئري ۾ پرسرار نموني گلو ڪپيل لاش مليو،وارثن ۽ ڳوٺاڻن جي اطلاع تي حد جي پوليس ٿاڻي کيمي جو پار پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد تعلقه اسپتال کيمي جو پار منتقل ڪيو ويو آهي،جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان جو گلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي،قتل کي لڪائڻ لاءِ آپگهات جو رنگ ڏنو پيو وڃي،پوليس ايس ايڇ او کيمي جو پار محمد خان رند جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ ۾ وارثن سان کي ميڊيڪل رپورٽ ڏني آهي، جنهن ۾ نوجوان جي دماغي حالت ٺيڪ نه هئي،وارثن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته اڳ ۾ به نوجوان جي ٻئي ڀاءُ آپگهات ڪيو هو،هن گهر جي عورتن کي چانھه تيار ڪرڻ جو چئي چوئنري جو دروازو بند ڪري گلو ڪپي آپگهات ڪيو آهي،پوليس جو اهو پڻ چوڻ هو ته پوسٽ مارٽم وارث نٿا ڪرڻ ڪرڻ ڏين انهي ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو،جڏهن پاڻ مرادو پوليس پوري معاملي جي ڪا به جاچ شروع نه ڪئي نه موت جو اصل ڪارڻ سامهون اچي سگهيو،لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو،وارثن سان رابطي جي ڪوشش باوجود ڪوبه موقف وغيره سامهون اچي نه سگهيو