ڇاڇرو(ن پ ا)ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ گوگاسر تساڻي جو نوجوان پاڪ آرمي جو سپاهي 22 ورهين جو سهيل احمد پٽ اوڀايو نھڙي اتر وزيرستان ۾ ملڪ دشمنن دستگردن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو،سهيل احمد نهڙي ڏيڍ سال اڳ ۾ پاڪ فوج ۾ ڀرتي ٿيو هو، هو غيرشادي شده هو ۽ سوڳوارن ۾ ماءُ، پيءُ ۽ ٻه ڀاءُ، ٻه ڀينرن شامل آهن،شهيد فوجي جوان جو مڙهه اباڻي ڳوٺ گوگاسر تساڻي پهچايو ويو جتي پاڪ فوج جي دستي کيس سلامي ڏني،جنازي نماز ۾ پاڪ فوج جي جوانن،آفيسرن،ٿر جي مختلف ڳوٺن جي سياسي ماڻهن وڏي انڳ ۾ شرڪت ڪئي،آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.