ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو شهر ۾ سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم  مختلف دڪانن تي ڇاپا  هڻي غيرمعياري شيون رکندڙ دڪاندار لعل محمد بيورج، تيرٿ سوئيٽ ۽ سنتوش ڪمار راٺي ڪريانه اسٽور تي ڇاپا هڻي ڪولڊ ڊرنڪ جو بوتلون ۽ لوڻ ايڪسپائر هئڻ سبب 30 هزار ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو،  ڪارروائي سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي اسسٽنٽ فوڊ سيفٽي آفيسر علي حمزاه قائمخاني، ليب اسٽنٽ راڻو مل مٺائي، ڪريانه، ڪولڊ ڊرنڪ، کير ۽ ٻين پاران ڪئي وئي، ان حوالي سان سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم موجب ته 15 ڏينهن اڳ  15 دڪاندرن کي لائسنس ٺاهڻ جو چيو هو، جنهن مان هڪ يا 2 دڪاندرن لائنسس ٺهرايو آهي باقي ڪنهن به نه ٺهرايو آهي،اسان ڪنهن کان به رشوت نه ورتي آهي، جن  به دڪاندارن تي ڏنڊ لڳايا آهن انهن وٽ غيرمعياري ۽ ايڪسپائر شيون رکيل هيون، هوڏانهن  دڪاندارن سنتوش ڪمار راٺي ۽ ٻين الزام هڻندي چيو  ته سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم هڪ پاسي ڪارروائي ڪري ٿي ته ٻئي پاسي اسان واپارين کان رشوت گهري ٿي ۽ اهو چئي رهئي آهي ته هر مهينو رشوت جو فڪس ڪريو، ڀتو نه ڏيندو ته  ڇاڇرو ۾ ڪارروائي ۽ ڏنڊ هڻڻ جو سلسلو جاري رهندو.