ممبئي(شوبز نيوز) وڪي ڪوشل ۽ اڪشي کنه جي اداڪاري سان مزين فلم “ڇاوا” رليز جي رڳو ٽي ڏينهن ۾ باڪس آفيس تي 100 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ڪري 2025ع جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلم بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي، ان فلم ٽن ڏينهن ۾ 119.5 ڪروڙ رپين جو شاندار بزنس ڪيو آهي، “ڇاوا” جي ڪهاڻي ڇترپتي سمڀاجي ۽ مغل بادشاهه اورنگزيب وچ ۾ تاريخي جنگ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ وڪي ڪوشل ڇترپتي سمڀاجي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته اڪشي کنه اورنگزيب جو ڪردار نڀايو آهي، لڪشمن اتيڪر جي هدايتڪاري ۾ بڻيل ان فلم ايڊوانس بڪنگ ۾ بهترين ڪاروبار ڪيو ۽ رليز جي پهرين ڏينهن 33.10 ڪروڙ رپين جو رڪارڊ بزنس ڪيو هو، فلم جمعي تي 31 ڪروڙ، ڇنڇر تي 33 ڪروڙ ۽ آچر تي 48.5 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ڪيو، اهڙيءَ ريت ٽن ڏينهن ۾ فلم جو مجموعي ڪاروبار 119.5 ڪروڙ رپين تائين پهتو، عالمي سطح تي به اها فلم 150 ڪروڙ رپين جو انگ پار ڪرڻ ويجهو آهي، ڇو ته ان ٽن ڏينهن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ 148.95 ڪروڙ رپين جي ڪمائي ڪئي آهي، “ڇاوا” وڪي ڪوشل جي ڪيريئر جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلم ثابت ٿي آهي، ڇو ته اها سندس پهرين فلم آهي، جنهن پنهنجي پهرين ويڪ اينڊ تي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي آهي، فلم جي تياري لاءِ 130 ڪروڙ رپين جو بجيٽ رکيو ويو هو، “ڇاوا” پنهنجي پهرين هفتي ۾ ڪيترائي وڏا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، جن ۾ ريتڪ روشن جي فلم “ٽائيگر فائيٽر” (115 ڪروڙ رپيا)، دپيڪا پڊڪون جي “پدماوت”، پرڀاس ۽ دپيڪا جي “ڪالڪي 2898 اي ڊي”، ڪارتڪ آريان جي “ڀول ڀليان 3” ۽ عامر خان جي “دنگل” (105 ڪروڙ رپيا) جو رڪارڊ شامل آهي.