بدين: ڊاڪٽر اڪاش انصاري جو افسوس ناڪ واقعو پيش اچڻ بعد سندس ھنج ورتل پٽ وشال لطيف اڪاش پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ھر شئي روٽين مطابق ھلندڙ ھئي گذريل رات به بابا جا دوست وٽس ايل ھئا ۽ آئون ٻاھر ويل ھئس واپسي پھچي پنھنجي ڪمري ۾ سمھي رھيس صبح جو ساڍا اٺ کان 9 وڳي ڌاري ڪمري مان گرمائيش ۽ دونھن محسوس ٿيو ته ڏٺو ته سندس ڪمرو لاڪ ھو. وشال لطيف ان موقعي تي ٻه ڳالهيون ڪري ويو. هن چيو ته بابا جو ڪمرو لاڪ هو بعد ۾ اسان ڪمرو ٽوڙيو يا ڊرائيور ڇوڪري کي گهرايو، جنهن وٽ چاٻي. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته منھنجو والد ڊاڪٽر اڪاش انصاري ھميشه انسان ذات سان محبت ڪندڙ شخصيت ھو اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي ۽ نه وري ڪنھن تي ڪو شڪ آھي،پر چگن ۽ سٺن ماڻهن جا ڪيترا ئي دشمن به ھوندا آھن، ھن چيو ته آئون اعليٰ ادارن کان مطالبو ٿو ڪريان ته ھن سنگين معاملي جي شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي اگر ڪنھن تي ڪا به ڏوھه ثابت ٿئي ٿو انھي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.