شڪارپور(رپورٽر) چڪ ويجهو مهر-جتوئي ڌرين وچ ڇڪتاڻ تان گهرن مٿان ڪاھه، فائرنگ، نوجوان قتل، ان حوالي سان ڪچي واري علائقي ۾ هلندڙ مهر- جتوئي تڪرار تان چڪ شهر جي سرڪاري اسپتال وٽ قائم شاهن ڪٻڙو مهر جي گهر تي هٿياربندن ڪاهه ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 18 ورهين جو نوجوان عبدالله پٽ شاهن مهر قتل ٿي ويو، هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا قتل بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، هڪٻئي مٿان وقفي وقفي سان فائرنگ ڪئي وئي، ٻي طرف وارثن لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو،  ياد رهي ته ڌرين ۾ تڪرار سبب 5 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.