چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر) چڪ لڳ ڪچي واري علائقي ڳوٺ غازي خان مهر راڻو ڪرسي جتوئي جي رهواسين وچ نوجوان عامر مهر فريد مهر اغوا مامري تان ڇڪتاڻ ۾ موٽاڻي مهر ڪرسي جتوئي تڪرار شروع ٿيو هو جنهن ۾ڌرين جا 6 خون ٿيل آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن ڌرين وچ ۾ڇڪتاڻ سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويل آهي جنهن ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ قبائلي سردارن پاران 18 آگسٽ تي سکر جرڳو پڻ رکيو ويو هو جيڪو ڪنهن نامعلوم سبب ڪري ملتوي ٿي ويو جنھن ڪري ٻيهر ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي گذريل ڏينهن چڪ شهر جي صحافين پپن جاگيراڻي، زاهد چاچڙ، غفار سيٺار، ولي محمد ڀيو سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن معصوم نياڻيون ۽ ٽنڊي وارو قلمي قرآن شريف کڻي ٻيڙين تي سوار ٿي جهيڙيندڙ ڌرين ڳوٺ غازي خان مهر موٽاڻي مهر ڌر جي چڱن مڙسن باقر خان مھر، خادم حسين مهر سان ملاقات ڪري ٺاھ ڪرڻ جي منٿ ميڙ ڪئي وئي، ساڳئي وقت ڪجهه فاصلي تي آباد ڪرسي جتوئي ڌر جي ڳوٺ راڻو ڪرسي جتوئي پهچي غلام نبي ڪرسي، رحمت الله ڪرسي ۽ ٻين سان ملاقات ڪري ٺاھ لاءِ منٿ ڪئي وئي، ڌرين پاران ٺاھ لاءِ راضپو ظاهر ڪري تاريخ مقرر ڪرڻ جو اختيار هڪ ڀيرو ٻيهر قبائلي سردارن سردار محمد بخش خان مهر، سردار فتح محمد جتوئي، سردار علي گوهر خان مھر، سردار ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي جي اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش خان مھر، اڳوڻي ايم پي اي مير عابد حسين خان جتوئي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ميڙ منٿ قافلو کڻي ويندڙ صحافين جو چوڻ آهي ته ڌرين موٽ سٺي ڏني آهي هاڻي بال قبائلي سردارن جي ڪورٽ ۾آهي هنن وٽ پهچي ٺاھ لاء منٿ ڪئي ويندي ته جيئن جلد تاريخ مقرر ٿي سگهي.