شڪارپور/ڪراچي (نمائندن وٽان) چڪ لڳ جي يو آءِ اميدوارن جي چونڊ مهم دوران هوائي فائرنگ ۾ معصوم ٻارڙيءَ زخمي، پوليس ذريعن موجب چڪ لڳ ڪچي جي ڳوٺ حاجي ڪريم ڏنو بڊاڻي جتوئي ۾ جي يو آءِ اميدوارن مولانا راشد محمود سومرو ۽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي جي چونڊ مهم دوران سندس حمايتين پاران ڪيل هوائي فائرنگ ۾ راند کيڏندڙ 8 ورهين جي ٻارڙيءَ شازيه ڌي مٺل مڱڻهار زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻئي طرف آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا چڪ واقعي جو نوٽيس وٺي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.