چڪوال (م ڊ) چڪوال جي مدرسي ۾ 15 کان وڌيڪ ٻارن سان مبينا بدفعلي جا واقعا پيش آيا آهن، جنهن تي مدرسي جي پرنسپال ۽ ايڊمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب چڪوال جي هڪ مدرسي ۾ 15 ٻارن سان بدفعلي جو واقعو پيش آيو آهي. واقعي بعد پوليس پهچي سمورن ٻارن جو طبي چڪاس ڪرايو. پوليس جو چوڻ آهي ته طبي چڪاس دوران 15 ٻارن جي جسم تي تشدد جا نشان مليا آهن، جن سان بدفعلي جي تصديق لاءِفرانزڪ چڪاس ڪرائينداسين. پوليس موجب  15 مان 4 ٻارن جي مائٽن فرانزڪ چڪاس جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. واقعي ۾ مدرسي جي پرنسپال اختر جاويد ۽ ايڊمن انچارج بلال کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب اختر جاويد ۽ بلال کي چڪوال جي صدر ٿاڻي تي منتقل  ڪيو ويو آهي. کانئن جاچ ڪريون پيا. پوليس موجب مدرسي جي ٻن استادن خلاف هڪ ٻالڪ شڪايت ڪئي ته ان زيادتي ڪئي آهي، جنهن کان پوءِ ٻيا به ٻار سامهون اچي ويا. جڏهن ته الزام هيٺ آيل استادن کي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي. پوليس موجب ٻنهي جوابدارن جا ڊي اين اي لاءِ سيمپل ورتا ويا آهن. جيڪي فرانزڪ ٽيسٽ لاءِاماڻيا ويا آهن. پوليس موجب ٻنهي گرفتار جوابدارن بدفعلي جو الزام رد ڪري ورتو آهي، پر انهن اڻ وڻندڙ حرڪتن جو اعتراف ڪيو آهي. پوليس موجب واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ آيا آهن، جن ۾ ٻارڙن سان  اڻ وڻندڙ  حرڪتن جي تصديق ٿئي ٿي. ٻئي جوابدار گرفتار آهن ۽ انهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.