ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي خاص عدالت چڪرا ڳوٺ سانحي ۾ جاچ آفيسر جي غير حاضري تي ڪاوڙ ڪندي 20 ڊسمبر تي سمورن جوابدارن ۽ شاهدن جي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم لنڊن جو بدنام ٽارگيٽ ڪلر رئيس مما ۽ ٻيا پيش ٿيا، عدالت ٽارگيٽ ڪلر رئيس مما کي جيل ۾ بي ڪلاس جون سهولتون فراهم ڪرڻ بابت درخواست تي دليل پڻ طلب ڪري ورتا، هوڏانهن پراسيڪيوشن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ بدنام ٽارگيٽ ڪلرز رئيس عرف مما، ڪامران عرف ماڌوري، شاهه جهان عرف شٽن، ظهير عرف فنٽر سميت 21 جوابدار ملوث آهن، ايم ڪيو ايم جي آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي اڳوڻي انچارج حماد صديقي سميت 5 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي، پوليس موجب 2011ع ۾ رئيس مما ڪورنگي ۾ پنهنجي دهشت ۽ هڪ هٽي قائم رکڻ لاءِ چڪرا ڳوٺ وٽ پوليس وين تي حملو ڪيو. فائرنگ ۾ ريزرو پوليس ( ايس آر پي) جا 3 اهلڪار قتل ۽ 27 ڄڻا زخمي ٿي پيا ھئا.