ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سي ٽي ڊي ٽيم ڪورنگي جي علائقي زمان ٽائون مان ايم ڪيو ايم لنڊن جي ارگيٽ ڪلر محمد عمران کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان موجب عمران پوليس تي حملن ۾ ملوث آھي، هن پنھنجي ساٿين ظھير، ڪاشف ۽ صادق سان گڏجي چڪرا ڳوٺ ۾ پوليس وين تي فائرنگ ڪئي ھئي، جنھن جي نتيجي ۾ اھلڪار شھيد ٿي ويا ھئا، جوابدار ساٿين سان گڏجي پي اين ٽي ڪالوني ۾ به 4 ماڻھو ماريا ھئا، ڪورنگي ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي به قتل ڪيو ھو.