بيجنگ(انٽرسٽنگ نيوز) چين جي هڪ چڙيا ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته اتي 2 پانڊا جيڪي عوام جي توجه جو مرڪز بڻيل آهن، اهي اصل ۾ پينٽ ٿيل ڪتا آهن. چين جي صوبي گوانگ ڊونگ جي هڪ چڙيا گهر ۾ چاؤ چاؤ نسل جي ڪتن کي پينٽ ڪري پانڊا جيان ٺاهيو ويو آهي. انهن ڪتن جا وار گهڻا وڏا هوندا آهن تنهن ڪري انهن کي پانڊا جو روپ ڏيڻ ڏکيو ڪم ناهي هوندو. چڙيا گهر انتظاميا اهو اعتراف ان وقت ڪيو جڏهن انهن ڪتن جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي. ان کانپوءِ هڪ ٻئي واهپيدار طرفان انهن ڪتن جي تصوير شيئر ڪئي وئي جن ۾ اهي جانور هڪ اهڙي پڃري ۾ هئا جنهن جي برابر ۾ موجود سائن بورڊ تي لکيل هو ته “پينٽ ڊاگ”. چڙيا گهر جي آفيسر هوانگ چيو ته اهي ڪتا ماڻهن کي تمام گهڻا پسند آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهي چاؤ چاؤ نسل جا ڪتا آهن جن کي پينٽ ڪري پانڊا ٺاهيو ويو آهي.