چٻا ڦڏا ڪارا چشما

0
59
فيمينزم يا عورت-واد تنقيدي نظريو

 چوندا آهن ته “انسان ھڪ سماجي جانور آهي” جيڪو سماج کان سواءِ يا سماج کان ٻاهر رھي نه ٿو سگهي. سماج يا معاشرو انسان جي زندگيءَ تي تمام گهرا ۽ اڪثر ڪري اڻمٽ نقش ڇڏي ٿو. ٻين لفظن ۾ اسان جا مخصوص جسماني، ذھني، جذباتي، روحاني ۽ سماجي رابطن جا لاڙا اسان جي مخصوص سماج ۽ معاشري جي اثرن ھيٺ جڙندا آهن. اسان جو سماج يا معاشرو ھڪ پاسي اسان کي دنيا جهان کي سمجهڻ جو شعور عطا ڪري ٿو ته ٻئي پاسي وري اھو غير شعوري ۽ غير محسوس طريقي سان اسان جي ذھن، سوچ، نظرئي، رويي ۽ ڪردار تي اڻڄاڻائي، جھالت ۽ ڪٽرپڻي جا ڪارا چشما پڻ چاڙهي ٿو.

                 جھڙيءَ ريت ھن ڌرتيءَ تي اسان کي انيڪ رنگ نظر ايندا آهن اھڙي ريت سماجي اثرن ھيٺ اسان جي اکين، ذھنن ۽ سوچن تي پڻ جھالت ۽ ڪٽرپڻي جا انيڪ پردا ۽ چٻا ڦڏا ڪارا چشما چڙهيل هوندا آهن. اھي چشما دنيا جي سچائيءَ کي ٽوڙي مروڙي ڇڏين ٿا. اسان جي گھر ۾ ڳالھائي ويندڙ ٻولي، خاندان جي اھم فرد جو پيشو، خاندان جي مجموعي سوچ، سماج ۾ موجود روايتون، اقدار، تعليم، نصاب، مروج ٽيڪنالاجي، مذھب، اجتماعي سوچ، رويا ۽ نظريا وغيرہ اھڙن ناھموار يا چٻن ڦڏن ڪارن چشمن جا مثال آھن جيڪي اسان کي انھن جي مد مقابل ۽ مختلف شين ۽ نظرين کي سمجھڻ ۽ مڃڻ ۾ رڪاوٽ بڻبا آھن.

اسان جي اکين، ذھن، سوچ، رويي ۽ ڪردار تي ڪٽرپڻي جي ڪارن چشمن کي ٻن وڏن گروھن ۾ ورھائي سگھجي ٿو. ھڪ گروھه غير رسمي يا غير شعوري چشمن سان لاڳاپيل آھي جنھن ۾ انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي پنھنجي ٻولي، پيشو، ٽيڪنالاجي، روايت، قدر، مذھب، نظريو، رويو ۽ ڪردار شامل آهن. ٻيو گروھه وري رسمي ۽ شعوري چشمن سان لاڳاپيل آھي جن وسيلي انفرادي توڙي اجتماعي رسمي تعليم ۽ رسمي نصاب وسيلي مخصوص ڌنڌن، ٽيڪنالاجي، اقدار، مذھبي تصورن، سوچن، روين ۽ ڪردار جي پوکي ۽ آبياري ڪئي ويندي آھي.

جيئن ته انسان ھڪ سماجي جانور آهي ان ڪري سموري زندگي سماج اندر گذرڻ جي ڪري انسان غير محسوس ۽ غير شعوري طور تي ان سماج جو حصو بڻجي وڃي ٿو ۽ ان جھڙو بڻجي وڃي ٿو. ان جو ٻيو سبب اھو آھي ته روايتي تعليم جي ڀيٽ ۾ سکڻ جو ڪينواس ۽ تاڃي پيٽو ثقافتي/ سماجي رنگن سان وڌيڪ رڱيل ٿئي ٿو. ھاڻي اچو ته اھو ڏسون ته مٿيان غير رسمي يا ثقافتي چشما اسان جي سوچ، رويي ۽ ڪردار کي ڪيئن ۽ ڪھڙي ريت متاثر ڪن ٿا:

سڀ کان پھريان اسان جي سمجھه ۾ رڪاوٽ وجھندڙ اسان جي ڪٽرپڻي جو سبب بڻجندڙ جيڪو طاقتور ترين ڪارو چشمو يا پردو آھي، اھو آھي اسان جي ثقافت! ثقافت جي شامل اھم جزن ۾ اسان جو وطن ۽ ٻولي، لباس ۽ ريتون رسمون، اخلاقيات ۽ اقدار، عقيدا ۽ مذھب، صحيح ۽ غلط بابت تصور، زندگي ۽ ڪائنات متعلق نظريا، ادبي شاھڪار ۽ مثالي شخصيتون وغيره شامل آهن. جيتوڻيڪ اھي سڀ ثقافتي اجزا اسان لاءِ اتفاقي ھوندا آھن يعني اسان ذاتي ۽ شعوري چونڊ جي بنياد تي انھن کي پنھنجو نه ڪيو ھوندو آھي پر پوءِ به اھي اسان لاءِ پنھنجي پاڻ ۽ پنھنجي جان کان وڌيڪ پيارا بڻجي ويندا آهن.

مثال طور ڪنھن ٻار جي پاڪستان ۾ يا ٻئي ڪنھن ملڪ ۾ پيدائش ھڪ اتفاق ئي آھي يعني ان ٻار وٽ پنھنجي پيدائش واري ھنڌ جي چونڊ بابت ڪوبه اختيار يا مرضي نه ھوندي آھي؛ ڪنھن ٻار جي سنڌي ٻولي يا ڪنھن ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ گھراڻي ۾ پيدائش پڻ ھڪ اتفاق ئي آھي؛ ڪنھن ٻار جي پيدائش گوڏ ۽ قميص پائيندڙ يا وري پينٽ ۽ شرٽ پائيندڙ گھراڻي ۾ ٿيڻ پڻ ھڪ اتفاق ئي آھي؛ ڪنھن ٻار جي پيدائش اھڙي گھراڻي ۾ ٿيڻ جتي مرڻي پرڻي، کاڌي پيتي ۽ مھمان نوازي جون پنجابي ريتون رسمون ادا ڪيون وينديون ھجن يا وري ان جي پيدائش ٻين ۽ مختلف ريتن رسمن واري گھراڻي ۾ ٿيڻ پڻ ھڪ اتفاق ئي آھي؛ ڪنھن ٻار جي پيدائش ھڪ منافق، مفاد پرست ۽ چوري ڪندڙ ۽ ڦري کائيندڙ گھراڻي ۾ ٿيڻ يا وري ان جي ابتڙ سچ تي ساھه ڏيندڙ، انفرادي خوشين کي اجتماعي مفادن تي قربان ڪندڙ ۽ اعليٰ انساني اخلاقيات تي پورو ھلندڙ گھراڻي ۾ ٿيڻ پڻ ھڪ اتفاق ئي آھي؛ ڪنھن ٻار جي پيدائش ھڪ غريب ۽ ٽيڪنالاجي ۾ پوئتي پيل گھراڻي ۾ ٿيڻ يا وري ان جي ابتڙ ھڪ امير ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو وٺندڙ گھراڻي ۾ ٿيڻ پڻ ھڪ اتفاق ئي آھي؛ ساڳي طرح سان ڪنھن ٻار جي پيدائش ھڪ ھندو خاندان ۾ ٿيڻ يا وري ان جي ابتڙ ڪنھن ٻئي مذھبي گھراڻي ۾ ٿيڻ پڻ ھڪ اتفاق ئي آھي. ھڪ ماڻھوءَ جو ثقافت جي مٿين جزن سان اتفاقي پر ديرپا ۽ مشروط تعلق ھجڻ ڪري ان جي دل ۾ انھن ڏانھن ھڪ فطري ڪشش ۽ محبت جنم وٺي ٿي. ڳالھه جيڪڏھن فقط ان ڪشش ۽ محبت تائين محدود ھجي ھا ته به گھڻو مسئلو ڪونه ھو، پر اڪثر حالتن ۾ ماڻھو جي اھا محبت مد مقابل يعني ڌاري ثقافت جي جزن ۽ لاڙن سان نفرت ۾ تبديل ٿي ويندي آھي. نتيجي ۾ مٿيان ثقافتي جزا ۽ لاڙا ڌاريءَ سچائيءَ کي ٽوڙڻ مروڙڻ وارا ناھموار ڪارا چشما بڻجي ويندا آهن.

اھو ئي سبب آهي جو گھڻو تڻو ھر ماڻھوءَ جي ذھن، سوچ ۽ اکين تي وطن، ٻولي، لباس، روايت، اقدار، مذھب ۽ نظرئي جا ناڪاري چشما چڙهيل هوندا آهن، جنھن ڪري اسان کي ڌاريي وطن، ڌاريءَ ٻولي، ڌاريي لباس، ڌاريءَ روايت، ڌارئي قدر، ڌاريي مذھب ۽ ڌاريي نظرئي جون خوبيون نظر ئي نه اينديون آهن ۽ اسان انھن ڌارين ثقافتي لاڙن ۽ نظرين کي بغير ڪنھن مشاھدي جي، بغير ڪنھن چڪاس جي ۽ بغير ڪنھن ثبوت جي رد ڪندا آھيون ۽ انھن سان نفرت ڪندا آھيون!

شعوري سطح تي وري اھڙن ڪارن چشمن جي پوکي ۽ آبياري ھڪ پاسي روايتي تعليم، روايتي نصاب ۽ روايتي تدريسي نظام وسيلي ڪئي ويندي آهي ته ٻئي پاسي وري مخصوص سوچ، رويي ۽ نظرئي جي تربيت ۽ ترويج لاءِ نشر و اشاعت توڙي رابطي جي سڀني وسيلن کي طاقتور ڌرين پاران استعمال ڪيو ويندو آهي.

ھاڻي سوال اھو آھي ته اسان پنھنجي ذھن، سوچ ۽ اکين تان سچائيءَ کي ٽوڙي مروڙي ڏيکارڻ وارا ڪارا چشما ڪيئن لاھي سگھون ٿا ۽ سچائيءَ تائين ڪيئن پھچي سگھون ٿا؟ ان جو سادو جواب اهو آهي ته اسان پنھنجي ثقافت جي خول مان ٻاھر نڪرون، ٻين ثقافتي لاڙن ۽ نظرين جو گهرائي سان مشاھدو ڪريون ۽ انھن کي تحقيق ۽ تدبر جي ڪسوٽي تي پرکيون ۽ پنھنجي ثقافت جي اوڻاين کي ختم ڪريون ۽ ان جي مثبت پاسن کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪريون. ان سان نه فقط اسان جو ذھن کلندو ۽ وسيع ٿيندو پر اسان ثقافتي ۽ مذھبي ڪٽرپڻي کان به نجات حاصل ڪري سگھنداسين!