ڪولڪته (م ڊ): آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فانئل ۾ آسٽريليا ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو، جتي ڀارت سان مهاڏو اٽڪائيندو، ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪئي، پوري ٽيم 50هين اوور ۾ 212 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ڊيوڊ ملر 101 ۽ ڪلاسن 47 رنز ٺاهي نمايان رهيا، آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ ۽ پيٽ ڪمنز 3،3، ٽريوس هيڊ ۽ جوش هيزل ووڊ 2، 2 وڪيٽون ورتيون، جواب ۾ آسٽريليا ٿڙي ٿاٻڙي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 48هين اوور ۾ هدف حاصل ڪري ورتو، آسٽريليا طرفان رڳو ٽريوس هيڊ ففٽي ڪري سگهيو، 62 رنز ٺاهيون، ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪوئٽزي ۽ شمسي 2، 2 وڪيٽون ورتيون.