نيويارڪ(انٽريسٽنگ نيوز) ڪجهه ڏينهن اڳ ئي اوپن آرٽيفيشل انٽيليجنس اوپن اي آءِ جي بورڊ الارا سافٽ ويئر جي باني ۽ پنهنجي سي اي او سيم الٽ مين کي هٽائي ڇڏيو هو جنهن کانپوءِ ان جي نئين منزل جي حوالي سان ڪوشش ۽ جدوجهد جاري رکي کيس اڳين منزل جو پتو پئجي ويو. عالمي خابرو اداري موجب آرٽيفيشل انٽيلي جنس جي ذريعي چيٽ ڪندڙ ۽ هر قسم جي لکت ۾ مدد ڪندڙ حيران ڪندڙ سافٽ ويئر جي پي (چيٽ جي پي ٽي) جي خالق آلٽمين مائيڪرو سافٽ ۾ مائيڪروسافٽ اي آءِ جي قيام ۽ انتظام سنڀالي ورتا. چيٽ جي پي ٽي جي خالق کي بغير ڪنهن سبب جي هٽايو ويو هو جيڪو خود آلٽمين لاءِ به حيران ڪندڙ هيو، چيو پيو وڃي ته آلٽمين ٻيهر پنهنجي ڪمپني اوپن اي آآءِ کي جوائن ڪندو ۽ اهي به خبرون آهن ته سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن اوپن اي آءِ گيسٽ پاس پهريل آهي.