اسلام آباد: ناڻي وزير مفتاح اسماعيل پريس  ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو آهي ته چين 2.3 ارب ڊالر جو قرض 25 مارچ تي واپس وٺڻ جو چيو هو، پر هاڻي چين سان ڳالهين جي نتيجي ۾ چين 2.3 ارب ڊالر جو قرض ڏيندو، چين پهريان ان قرض جي رقم کي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ شامل ڪري استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائي هئي ۽ ان لاءِ سخت شرط لڳايا هئا، جنهن ۾ وياج جي شرح ۾ اضافو به شامل هو، پر پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪردار ادا ڪيو ويو، چين هاڻي 2.3 ارب ڊالر جو قرض وياج جي 2019ع ۾ طئه ڪيل 2.5 سيڪڙو شرح کي گهٽ ڪري 1.5 سيڪڙو ڪئي آهي، چين کان ڪجهه ڏينهن ۾ پيسا ملي ويندا، جيڪي پيسا اچڻ کان پوءِ رپئي جي قدر ۾ اضافو ٿيندو.