شنگهائي (انٽريسٽنگ نيوز) چين ۾ سڪيورٽي گارڊز تازو ئي هڪ شاپنگ مال جي ڏاڪڻ هيٺان اڌ سال کان لڪي رهندڙ هڪ نوجوان کي پڪڙي ورتو آهي، شاپنگ مال مصروف هنڌن مان هوندا آهن، ان لاءِ هر مشڪوڪ نظر ايندڙ ماڻهو تي نظر رکڻ سڪيورٽي گارڊز لاءِ تمام گهڻو ضروري هوندو آهي، جڏهن ته چين ۾ اهڙو واقعو پيش آيو آهي، جتي تقريبن اڌ سال تائين هڪ شخص مسلسل شاپنگ مال ۾ ڏاڪڻين هيٺان سڪيورٽي گارڊز کان لڪي رهي رهيو هيو، ميڊيا رپورٽس موجب ڄاڻايل واقعو چين جي شهر شنگهائي ۾ پيش آيو، جتي هڪ شاپنگ مال ۾ هڪ شخص مبينا طور تي 6 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان ڏاڪڻين هيٺان لڪي رهي رهيو هيو. اڻڄاتل نوجوان عمارت ۾ هڪ ويران ڏاڪڻ جي هيٺان سمهڻ لاءِ هڪ خيمو لڳائي رکيو هيو، جنهن ۾ هڪ ننڍي ميز ۽ آفيس جي ڪرسي جو به انتظام هيو، شهري پنهنجي لاءِ ليپ ٽاپ ۽ موبائل فون به رکيو هيو، جنهن کي اهو شاپنگ مال جي اليڪٽرڪ آئوٽ ليٽس تان چارج ڪندو هيو.