بيجنگ (انٽرسٽنگ نيوز) ماضيءَ جي ڪيترين ئي فلمن ۾ ڏيکاريو ويندو هو ته ٻار ڄمڻ کانپوءِ فوري طور تي پنهنجي والدين کان جدا ٿي ويندو هو ۽ سالن بعد ٻيهر ملندو هو، ڪجهه اهڙو ئي واقعو چين ۾ به حقيقت بڻجي ويو جتي والدين 37سالن کانپوءِ پنهنجي ڌار ٿيل پٽ سان ٻيهر مليا، 1986ع ۾ چين جي شانزي صوبي ۾ هڪ عورت پٽ کي جنم ڏنو، جيڪو خاندان جو ٽيون ٻار هو، جڏهن ڇوڪرو صرف هڪ ڏينهن جو هو، هن جي ناني نئين ڄاول ٻار کي زائو نالي هڪ شخص جي حوالي ڪيو، ماءُ پيءُ کي پوڙهي عورت جي فيصلي جي خبر نه هئي، ٻار جي ناني بعد ۾ والدين کي ٻڌايو ته هن اهو فيصلو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته خاندان لاءِ ٽيون ٻار پيدا ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو ڇو ته اهي تمام غريب هئا، اهو واضح ناهي ته زاؤ بزرگ عورت کي ٻار کي هنج وٺڻ لاءِ ڪيترو ادا معاوضو ادا ڪيو، ڇوڪري جي پيءُ لي ۽ سندس ماءُ جي مطابق انهن کي بس اها خبر هئي ته زو جو اباڻو شهر اوڀر چين جي شنڊونگ صوبي ۾ هو، بزرگ عورت جي موت کان پوءِ، لي ۽ سندس زال اوڀر چين ۾ ٽن ڏهاڪن تائين پنهنجي پٽ جي ڳولا ۾ ڀڄندا رهيا.فيبروري 2024 ۾، جوڙي جي رت جا نمونا پينگ نالي هڪ شخص سان مليا، جيڪو زازوانگ، شنڊونگ صوبي جو رهواسي هو.چين جي پوليس اختيارين 2009 ۾ هڪ وڏي ڊي اين اي ڊيٽابيس ٺاهي انهن جوڙن جي رت جا نمونا گڏ ڪرڻ لاءِ جن جا ٻار گم ٿي ويا هئا.شانزي پوليس لي سندس زال ۽ پينگ کان رت جا 2 نمونا ورتا، جنهن کانپوءِ تصديق ٿي وئي ته پينگ جوڙي جو اصل پٽ هو، 3 آگسٽ 2024 تي، پينگ پوليس اهلڪارن جي مدد سان 37 سالن کانپوءِ پنهنجي حقيقي والدين سان ملاقات ڪئي.ماءُ پيءُ پٽ کي ڀاڪر پائي معافي گهري.