بيجنگ(انٽريسٽنگ نيوز) سائنسدانن جي هڪ ٽيم پنهنجي نئين تحقيق ۾ چين جي ڪڪرن ۾ مائيڪرو پلاسٽڪ جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي آهي. سائنسدانن جي ٽيم مائيڪرو پلاسٽڪ جا اهي ذرڙا عالمي ورثو قرار ڏنا ويا آهن جيڪي مائونٽ ٽائي هنڌ تي موجود ڪڪرن ۾ دريافت ٿيا آهن. خيال ڪيو پيو وڃي ته مائيڪرو پلاسٽڪ دنيا جي موسم کي متاثر ڪري سگهي ٿي. سائنسدانن ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته ڪڪرن ۾ موجود اهي ذرڙا ڪڪر ٺاهڻ ۾ مدد ڏين ٿا ۽ انهن کي صنعتي آلودگي سان خارج ٿيندڙ ڌاتن کي رکڻ جي قابل بڻايون ٿا. مائيڪرو پلاسٽڪ، پلاسٽڪ جي انهن ذرڙن کي چيو وڃي ٿو جيڪي 5 ملي ميٽر کان ننڍا ٿين ٿا. پر ان تحقيق ۾ وڌ کان وڌ ذرڙا (تقريبن 60 سيڪڙو) 100 مائيڪرو ميٽر کان ننڍا هئا. محققن جي ٽيم پهاڙ جي سڀ کان وڏي هند تان ڪڪرن جي پاڻي جا نمونا جمع ڪيا.

سائنسدانن ٻڌايو ته سج جي روشني ۽ ٻين موسمياتي سببن جي ڪري مائيڪرو پلاسٽڪ کي وڌيڪ ننڍن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.