بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين ۾ هڪ جبل راتو رات وائرل ٿي ويو آهي، جيڪو پري کان ڏسڻ سان ڪنهن ڪتي جي شڪل جو نظر اچي ٿو، چين جي صوبي هوبائي ۾ يانگسي درياهه جي ڪناري تي موجود اهو جبل هڪ ڊزائنر جي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل تصوير مان وائرل ٿيو، گائو چنگ شان اها تصوير گذريل ڏينهن ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ يي چانگ ويجهو هائيڪنگ دوران ڪڍي هئي، هائڪنگ بعد پنهنجي تصويرن جو جائزو وٺڻ تي هن کي ان ڳالهه جو احساس ٿيو، جيڪو اهو پهرين نه ڏسي سگهيو هو، هن ڏٺو ته هڪ جبل جي شڪل بلڪل ڪنهن ڪتي جي مٿي جهڙي آهي، جنهن پنهنجو مٿو زمين تي رکيو اهي، جڏهن ته نڪل پاڻيءَ کي ڇهي رهيو آهي، هن ٻڌايو ته اها جادوئي ۽ خوبصورت تصوير آهي، ان کي ڏسي ڪري لڳو ٿو ته ڪتو پاڻي پي رهيو آهي يا مڇي پڪڻ جي باري ۾ سوچي رهيو آهي، هن ان تصوير کي هڪ چيني سوشل ميڊيا ايپ ۾ پوسٽ ڪيو، جتي اها وائرل ٿي وئي. هاڻي ان جبل کي چين ۾ پپي مائونٽ به چيو وڃي پيو ۽ ڪيترائي ماڻهو ان جڳهه کي ڏسڻ لاءِ وڃي رهيا آهن، ڪجهه ماڻهن طرفان جبل جي ويجهو بڻيل هڪ ڊيڪ تي پنهنجي پالتو ڪتن سان گڏ بيهي تصوير ڪڍي سوشل ميڊيا تي به پوسٽ ڪئي وئي آهي.