بيجنگ(انٽرسٽنگ نيوز) چيني تعليمي فرم ۾ نئين ملازمت شروع ڪندڙ عورت کي باس جي ناشتي جي ڊيمانڊ پوري نه ڪرڻ تي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب لونامي عورت پاڻ سان پيش ايندڙ واقعي کي سوشل ايپ تي شيئر ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪيئن ان کي باس جي ناشتي جي ڊيمانڊ پوري نه ڪرڻ تي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو. عورت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته باس طرفان روزاني هڪ ڪافي، آنو ۽ پاڻي جي بوتل جو انتظام ڪرڻ جي ڊيمانڊ ڪئي ويندي هئي، مونکي هن جي ذاتي اسسٽنٽ طور تي ملازمت نه ڏني وئي هئي، باس جو اهڙو رويو غلط آهي ۽ هن جو ذاتي ڪم ڪرڻ ملازمت جو حصو نه آهي. واقعو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد واهپيدارن طرفان ڪمپني کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ جاچ جو مطالبو ڪيو ويو جنهن بعد ڪمپني کي ساڳي عورت کي واپس نوڪري تي رکڻو پيو.