جيان شو (انٽريسٽنگ نيوز) چين مان هڪ انوکو واقعو سامهون آيو آهي، جتي سوين ڳوٺاڻن پنهنجي  ڪنوار کي وٺڻ ايندڙ گهوٽ جي گاڏي روڪي ڇڏي ۽ رخصتي کان اڳ عجيب ۽ غريب مطالبا ڪيا، چيني ميڊيا موجب اهو انوکو واقعو اوڀر چين جي جيان شو صوبي جي تائي زو ڳوٺ ۾ پيش آيو، جنهن جي وڊيو ڏسندي ئي وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ماڻهو گاڏي کي گهيري بيٺل آهن ۽ گهوٽ کان پيسا ۽ سگريٽ گهري رهيا آهن، ان رسم ۽ رواج جي وڊيو چين ۾ شادي جي تڪراري رسمن جي باري ۾ هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي،

گهوٽ جي گاڏي روڪيندڙ هجوم ۾ بنيادي طور تي بزرگ ماڻهو شامل هئا. واضح رهي ته اهو مقامي روايت جو حصو آهي، جنهن تحت گهوٽ جي خاندان کي ڳوٺ جي بزرگ ماڻهن جون فرمائشون پوريون ڪرڻيون هونديون آهن، جن ۾ کنڊ يا سگريٽ کان ويندي پيسن سان ڀريل ڳاڙها لفافا پيش ڪرڻ تائين شامل آهن. جيڪڏهن گهوٽ اهڙا مطالبا پورا ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو آهي ته گهوٽ کي پنهنجي ڪنوار سان ملڻ ۾ دير ٿي سگهي ٿي يا ڪنوار تائين رسائي کان مڪمل طور انڪار ڪري سگهجي ٿو.