اسلام آباد (م ڊ) چين ۽ سعودي عرب 13 ارب ڊالر جو پيڪيج پاڪستان کي ڏيڻ تي رضامند ٿي ويا، ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته چين 7 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض جي ادائگي ملتوي ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي، چين ڏيڍ ارب ڊالر جو وڌيڪ قرض ڏيندو، سعودي عرب به پاڪستان کي 4 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جو پيڪيج ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ناڻي وزير چيو ته عالمي مالياتي ادارن کان ڪيترائي ارب ڊالر ملڻ جي راهه هموار ٿي وئي آهي . هن چيو ته چين ۽ سعودي عرب جي دوري بعد وزيراعظم کي اهو اعلان ڪرڻو هو پر عمران تي حملي سبب هو اعلان نه ڪري سگهيو آهي. اسحاق ڊار چيو ته چين ڪراچي سرڪيولر ريلوي مڪمل ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي ايم ايل ون منصوبي تي به مثبت ڳالهيون ٿيون، سي پيڪ کي مڪمل طور بحال ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، سکر حيدرآباد موٽروي منصوبي تي به چين مثبت جواب ڏنو آهي، چيني ڪمپنيون ان منصوبي جي ٻيهر اسٽڊي ڪنديون، ناڻي وزير چيو ته سعودي عرب گوادر ۾ آئل رفائنري لڳائڻ لاءِ تيار آهي.