بيجنگ (م ڊ) بيجنگ ۾ چين، پاڪستان ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن ۾ ملاقات، سي پيڪ کي افغانستان تائين وڌائڻ ۽ خطي ۾ دهشتگردي کي روڪڻ تي اتفاق، پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين، پاڪستان ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سفارتي رابطن کي وڌائڻ، واپار ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دهشتگردي خلاف عزم، خطي ۾ استحڪام ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جو عهد ڪيو ويو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزير امير خان متقي وچ ۾ ڌار ملاقات به ٿي، ٻه طرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهارڪيو ويو، ٻنهي اڳواڻن واپار، ٽرانزٽ ۽ سفارتي رابطن ۾ اڳڀرائي جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان سڪيورٽي سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو آهي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ گڏيل مفادن کي هٿي ڏيڻ تي به زور ڏنو ويو ، چين جو چوڻ هو ته پاڪستان سان ڀرپور سهڪار وارو عمل جاري رهندو. ٻئي طرف نجي ٽي وي دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان مڪمل سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي. جنهن لاءِ فل ٽائيم سفير مقرر ڪيا ويندا جيڪو عمل جلد شروع ڪيو ويندو. ذريعن موجب ٻئي ملڪ پنهنجي پنهنجي قانون تحت اندروني عمل مڪمل ڪندا پوءِ هن انڊراسٽينڊنگ تي عمل ڪيو ويندو.