اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي پراڻي دوست چين پاران پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ بحاليءَ لاءِ معاشي سهڪار جاري آهي. ناڻي واري وزارت جي پڌرائي مطابق چين پاڪستان ڏانهن رهيل 2 ارب ڊالرن جي رقم جي واپسي واري مدي ۾ هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، چين جي 2 ارب ڊالر رقم جي واپسي جي مدت 24 مارچ تي پوري ٿي رهي هئي. ناڻي واري وزارت چين کان 2 ارب ڊالرن جي قرض ۾ هڪ سال جي واڌ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته چين پاران 2 ارب ڊالرن جي قرض جي واپسي جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ سان پاڪستان کي مضبوط پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي.