بيجنگ (م ڊ) صدر آصف زرداري چيني صدر شي جِن پِنگ سان ملاقات ڪئي، ان دوران پاڪستان ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي، سي پيڪ ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، صدر آصف زرداري عظيم عوامي هال پهتو ته چيني صدر سندس آجيان ڪئي، چين جي فوجي دستي پاران صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، صدر آصف زرداري جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سان به مليو، سائنس، ٽيڪنالاجي، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ زرعي شعبي ۾ سهڪار تي زور ڏنو ويو، ملاقات ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ لاءِ سياسي پارٽين جي گڏيل مشاورتي مڪينزم ۽ ادارن ۾ رابطا مضبوط بڻائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، صدر آصف زرداري چين جَي قومي هيروز جِي يادگار جو به دورو ڪيو مفاهمت جي يادداشتن تي صحيون ڪيون ويون، جڏهن ته چيني صدر کي پاڪستان دوري جي دعوت ڏني وئي، ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته اسين پهرين چين جا اتحادي آهيون پوءِ ڪنهن ٻئي جا اتحادي آهيون، چين جي مثالي ترقي ۽ خوشحالي چيني قيادت جي ويزن ۽ عوام جي فعاليت جو مظهر آهي، ان موقي تي چيني صدر جو چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان اسٽريٽجڪ تعاون تي مبني شراڪت دار آهن، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پائيدار روايتي دوستي تاريخي آهي پاڪ چين دوستي ٻنهي ۽ ان جي عوام جو قيمتي اثاثو آهي